بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 33 ارب جي گهوٻين جو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 33 ارب جي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، سيڪريٽري بي آءِ ايس پي ڪميٽي جي ميمبرن کي مطمئن نه ڪري سگهيو. اجلاس چيئرمين ڪميٽي عثمان ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ ٿيو، ڪميٽي کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي. سينيٽي فدا خان چيو ته سيڪريٽري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻڌائين ته ورهايل 66 اربن مان 33 ارب ڪيڏانهن ويا، هن چيو ته رات دير تائين انهن فائلن جو تفصيلي جائزو ورتو، مون کي فائلن ۾ گهوٻيون محسوس ٿيون، اصل ذميوارن بابت ٻڌايو وڃي. ڪميٽي جي پڇاڻي تي بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري جواب ڏيڻ کان معذور نظر آيو جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اِها رقم غريب عوام جي آهي ان کي ائين ئي بسن ۽ ڪنهن جي چونڊ تي خرچ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، معاملي کي سينيٽ ۾ اٿاريو ويندو ۽ ذميوارن کي جواب ڏيڻو پوندو، بي آءِ ايس پي بابت ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته 2008 ۾ هر ايم اين اي ۽ سينيٽر کي ورڇ لاءِ في ڪس هڪ هزار رپيا ڏنا ويا جڏهن ته چئني صوبن جي ايم پي ايز کي 800 رپيا ادا ڪيا ويا. اختيارين موجب بي آءِ ايس پي جي سالياني بجيٽ 2008 جي 70 ارب رپين کان وڌائي 19-2018 جي لاءِ 124 ارب رپيا ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *