بيلجيم ۾ ٿيندڙ هاڪي ورلڊ ليگ جي ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ به پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

اينٽورپ (اسپورٽس نيوز) بيلجيم ۾ ٿيندڙ هاڪي ورلڊ ليگ جي ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ به پاڪستان کي هارائي ڇڏيون، انگلينڊ پاڪستان پاران هڪ جي مقابلي ٻِن گولن سان فتح ماڻي پاڪستان جي ريو ڊي جنيرو اولمپڪس ۾ شرڪت تي سواليه نشان هڻي ڇڏيو. اينٽورپ ۾ کيڏيل ميچ جي شروعات ۾ ئي برطانيا راند تي قبضو ڄمائي رکيو ۽ شروعاتي 9 منٽن ۾ هڪ نه پر ٻه گول ڪري پاڪستاني رانديگرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. برطانيا طرفان پهريون گول گرفٿ ۽ ٻيو گول ايلسٽر براگڊن ڪيو ۽ پهرين هاف ۾ برطانيا جي سرسي 2-0 ٿي وئي هئي. ٻئي ۽ ٽئين ڪوارٽر ۾ ٻئي ٽيمون ڪو گول ڪري نه سگھيون، پر چوٿين ڪوارٽر ۾ ميچ جي 48 هين منٽ ۾ عمر ڀٽا گول ڪري نقصان 2-1 ڪيو. ٻِن منٽن کان پوءِ برطانوي رانديگر هنري ويئر کي ييلو ڪارڊ ڏيکاري ميدان مان 5 منٽن جي لاءِ ٻاهر موڪليو ويو، پر پاڪستاني فاورڊ ان موقعي جو به فائدو نه وٺي سگھيا ۽ برطانيا هڪ جي مقابلي ٻِن گولن سان کٽي ايوينٽ جي سيمي فائنل جي لاءِ ڪوليفاءِ ڪري ورتو. ان ميچ جي ناڪاميءَ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم ايندڙ سال ريو ڊي جينرو اولمپڪس ۾ سڌو سنئون ڪوليفاءِ ڪرڻ جو موقعو هٿن ۾ وڃائي ڇڏيو آهي. هاڻي پاڪستان کي پهريان ڀارت جي ڪوارٽر فائنل ۾ کٽي پوءِ ايوينٽ ۾ پنجين پوزيشن ماڻڻي پوندي ۽ پوءِ ان سان گڏ آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ اوشيانا ڪپ ۾ آسٽريليا جي کٽڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *