بيبي جي شهادت کا پوءِ ڪو ٻيو رستو اختيار ڪيون ها ته اڄ جمهوريت نه هجي ها: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي(م.د) وڏي وزير جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته جيڪڏهن بيبي جي شهادت کا پوءِ ڪو ٻيو رستو اختيار ڪيون ها ته اڄ جمهوريت نه هجي ها. خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهين دوران هن چيو ته خان صاحب جي رڳو هڪ صوبي ۾ حڪومت آهي، شيخ رشيد ڪٿي بيٺو آهي. شيخ رشيد فلمون ڏسندو رهيو آهي پرهاڻ فلمي زمانو گذري چڪو آهي. عمران خان کي ناڪامين مايوس ڪيو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاناما معاملي تي گڏيل مخالف ڌر جو جو ساٿ ڏنو. انقلاب چوڻ سان ناهي ايندو پ  پ ۾ مائنس ون وارو خواب جنرل ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جو به هو پر پ پ ۾ مائنس ون وارو فارمولو نه هلندو. بلاول ڀٽو پاناما معاملي تي عمران خان جو ساٿ ڏنو ۽ بلاول ڀٽو پاناما معاملي تي مخالف ڌر سان اتحاد چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *