بوري والا ۾ تي رفتار ٽرڪ 4 ڄڻن کي چٿي ڇڏيو، 3 ڄڻا زخمي

بوري والا (ويب ڊيسڪ) بوري والا جي علائقي لڊن روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته بوري والا لڊن روڊ تي ٻن ٽرڪن ۾ ريس لڳائڻ جو مقابلو ٿي رهيو هو، ان دوران هڪ مني ٽرڪ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ ڪناري قائم هڪ هوٽل ۾ گھري وئي، نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي جنهن حادثي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ٽرڪ ڊرائيور بابت ڪو اطلاع نه آهي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *