بهتر حج انتطام حڪومت جي لاءِ اعزاز آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته بهتر حج انتطام حڪومت جي لاءِ اعزاز آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف کي پاڪستانين کي حج جو فرض ادا ڪرڻ جي سهولت جي لاءِ جيڪا ذميواري ڏني هئي اها هن گذريل سال وانگر هن سال به بهتر طريقي سان انجام ڏني. ڪالهه اربع ڏينهن هتي مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن بهتر حج انتظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته حاجي سڳورن جي چونڊ شفافيت ۽ اهليت ۽ پهرين اچو پهرين وٺو جي بنياد تي ڪئي وئي ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت پاران ڪا مداخلت نه هئي. اسان حج انتظامن جي سلسلي ۾ ڪميٽي جوڙي جيڪا مولا بخش چانڊيو، شگفته جماڻي ۽ حافظ عبدالڪريم تي ٻڌل هئي جنهن پنهنجا فرض محنت سان سرانجام ڏنا. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي خاص هدايتن تي مڪي شريف ۽ مدينه منوره ۾ معياري کاڌي جو اهتمام ڪيو ويو جنهن جو خرچ 82 ڪروڙ 70 لک 64 هزار رپيا حج پئڪيج ۾ شامل نه هو. هن چيو ته حاجين کي رهائش ۽ ٽرانسپورٽ جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون ويون. شڪايتون نه هجڻ جي برابر آهن. هن چيو ته رهائش جو ڀارو جيڪو گذريل سال 3800 ريال هو ان کي گهٽ ڪري هن سال 3000 ريال ڪيو ويو. خرچن ۾ گهٽتائي سان هر حاجي کي اٽڪل 27 هزار رپيا واپس ڪيا ويا. ان موقعي تي حاجي سڳورن جي تاثرن بابت هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي جن حڪومت جي بهتر انتظامن تي ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هنن اطمينان سان حج جو فرض ادا ڪيو، سمورا انتظام بهتر هئا. مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته اسان بهتر حج آپريشن جي لاءِ سمورا انتظام ڪيا، وزيراعظم جي هدايتن تي ان سلسلي ۾ پورو آپريشن ڪيو ويو، سمورين ڌرين سان رابطا ڪري تجويزون حاصل ڪيون ويون جن کي حج پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو. هن چيو ته هي هڪ مقدس فرض هو جنهن کي بهتر طريقي سان اد اڪيو ويو. گذريل سال وانگر هن سال به حج انتظام بهتر هئا. هن چيو ته سمورن پاڪستانين جي خواهش هوندي آهي ته هو ضرور حج يا عمرو ادا ڪن ۽ حڪومت ان فرض کي عبادت سمجهندي ان جي لاءِ انتظام ڪيا. هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو 2014ع جو حج آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ٿي رهيو آهي. آخري حج فلائيٽ ايندڙ مهيني 10 نومبر تي پهچندي. هن چيو ته انهن سمورن انتظامن تي آئون حڪومت، وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وفاقي وزير چيو ته سعودي حڪومت پاران گذريل سال حرم شريف کي وڌائڻ سبب اسان کي پاڪستانين جي 20 سيڪڙو ڪوٽا ۾ گهٽتائي کان آگاهه ڪيو ويو هو ۽ خاطري ڪرائي وئي هئي ته ايندڙ سال وڌيڪ انگ ۾ پاڪستاني حاجين کي ڪوٽا ڏني ويندي. هن چيو ته حج سيزن شروع ٿيڻ تي رڳو هڪ ڏينهن ۾ ئي هڪ لک کان وڌيڪ حج درخواستون مليون. هن سال حج خرچن جو پئڪيج گهٽ ڪري 2 لک 73 هزار ڪيو ويو جيڪو گذريل سال ٻه لک 95 هزار هو. هر حاجي کي حج تي وڃڻ کان اڳ 27 هزار رپيا واپس ڪيا ويا. حج واري وزارت پئڪيج جو اعلان ڪيو جنهن ۾ کاڌي جو انتظام پڻ شامل هو. ڊالر جي قيمت گهٽ ٿيڻ سبب اسان کي به فائدو ٿيو ۽ حاجين جي لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪيون ويون. هن چيو ته سعودي عرب ۾ سمورن حاجين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو 24 ڪلاڪ انتظام موجود هو. ان کانسواءِ بيمار حاجين جي لاءِ اسپتال ۽ ڊسپينسريون قائم ڪيون ويون جتي پاڪستاني ڊاڪٽرن وڏي محنت سان ڪم ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بهتر حج انتظامن تي حاجي سڳورن پاڪستاني حڪومت کي دعائون ڏنيون ۽ وزيراعظم نواز شريف زندهه آباد جا نعرا هنيا. حاجين جي لاءِ 108 عمارتون ڀاري تي ورتيون ويون، ٽرانسپورٽ جي لاءِ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتر بسون حاصل ڪيون ويون. هن چيو ته اسان ايندڙ سال حج انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ڪنهن کي سرڪاري خرچ تي حج ناهي ڪرايو ويو، جيڪو اهلڪار ويو اهو مختلف فرضن جي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. وفاقي وزير چيو ته خادم الحرمين الشريفين حاجي سڳورن جي سهولت جي لاءِ ساراهه جوڳا انتظام ڪيا. اسان به کيس مبارڪباد ڏيون ٿا. هن چيو ته مون سعودي جي حج واري وزير سان بهتر انتظامن ۽ سهولتن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسان کي هن سال رڳو 1400 شڪايتون مليون، هڪ سوال تي هن ٻڌايو ته هن سال 71 حاجي سڳورن جي فوتگي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *