بنگلاديش ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب 16 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

ڍاڪا (م.ڊ) بنگلاديش جي درياهه ۾ مسافر ٻيڙي ٻڏڻ سبب 16 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي گم آهن پرڏيهي خابرو اداري مطابق بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا جي ويجهو پدما درياهه ۾ مسافر بردار ٻيڙي مال بردار جهاز سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ ٻڏي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار سئو کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا، ريسڪيو آپريشن جي انچارج انسپيڪٽر زيهاد ميان جو چوڻ آهي ته حادثي ۾  ٻڏندڙ ۾اڻهن ۾ 16 جا لاش ڪڍيا ويا آهن ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *