بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ (اڄ) کيڏي ويندي

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن جي بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) ڇنڇر تي ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي. زمبابوي جي ٽيم سيريز کيڏڻ لاءِ بنگلاديش پهچي چڪيآهي ۽ ان پريڪٽس ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ بورڊ اليون کي شڪست ڏئي دوري جي ڪامياب شروعات ڪئي هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 2 ٽي-20 ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات (اڄ) ڇنڇر تي ٿيندي جنهن بعد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻئين ميچ 9 نومبر جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 11 نومبر تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي-20 سيريز جي پهرين ميچ 13 نومبر جڏهن ته ٻئين ۽ آخري ميچ 15 نومبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *