بنگلاديش عالمي قانون جي ڀڃڪڙي پيو ڪري، عالمي ادارا ماٺ ڇو آهن؟: پاڪستان

اسلام آباد(بيور) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جو بنگلاديش ۾ ڦاهين جي معاملن تي چوڻ هو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جو عوام ماضي ۽ تلخ ڳالهين کي وساري لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو پر هڪ گروهه ٻنهي ملڪن جي عوام۾ ڀائيچارو نٿو ڏسي سگهي. بنگلاديش ۾ مخالف ڌر جي پارٽي جي وڌيڪ 2 اڳواڻن کي تڪراري ويڙهه وارن ڪيسن ۾ ڦاهي ڏيڻ تي چوڌري نثار علي خان جو چوڻ هو ته بنگلاديش ۾ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، انسانيت جي قتل ۽ پاڪستانين کان پلاند واري باهه کي هاڻي ٿڌو ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون، پر هڪ گروهه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچارو نٿو ڏسي سگهي. سندس چوڻ هو ته  جماعيت اسلامي ۽ بي اين پي اڳواڻن جي ڦاهي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ڏک آهي ته انهن لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهياسين،جن 45 سال اڳ پاڪستان سان وفاداري ڪئي،پر ان مسئلي کي ڪابينا ۾ اٿاريندس. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته جيڪو بنگلاديش ۾ ٿي رهيو آهي اهو اخلاقيات، عالمي قانونن، انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ مان حيران آهيان ته عالمي انساني حقن جا ادارا انصاف جي قتل تي ماٺ ڇو آهن، بنگلاديش ۾ پاڪستان کان پلاند واري باهه کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ عالمي تنظيمن کي ڪردار نڀائڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ دوستي جي ماحول ۾ 1971ع جا واقعا رنڊڪ آهن ۽ هڪ گروهه ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن واري ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ ملوث آهي ۽ اسان کي اندازو آهي ته  اهو ڪهڙو گروهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *