
لنڊن(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته بنگلاديش خلاف ميچ لاءِ تيار آهيون، قوم دعا ڪري سيمي فائنل ۾ ضرور پهچنداسين. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته ٽيم جي ڪارڪردگي سڀني آڏو آهي، اميدن تي پورا لهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بنگلاديش کي آسان ٽيم سمجهڻ جي غلطي نه ڪنداسين. قومي ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته وهاب رياض ميچ کان اڳ فٽ ٿي ويندو، هر صورت ۾ ڪامياب ٿينداسين. واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش کي 5 جولاءِ تي مقابلو ڪرڻو آهي، گرين شرٽس کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ اها ميچ کٽڻي پوندي.