بنگلاديش جو دورو، ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20 ٽيمن جو اعلان، سعيد اجمل جي واپسي

لاهور(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش جي دوري لاءِ ٽيست، ون ڊي ۽ ٽي 20 ٽيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي، سعيد اجمل جي ٽنهي فارميٽ ۾ واپسي ٿي وئي جڏهن ته عمر اڪمل ڪٿي به جاءِ نه ٺاهي سگهيو چيف سليڪٽر جو چوڻ آهي ته ينگسٽر کي وڌيڪ موقعا ڏينداسين، فٽنيس ۽ ڊسيپلين تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو رانديگر پنهنجي پرفارمنس ۽ روين ۾ بهتري آڻين، لاهور  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف سليڪٽر هارون رشيد جو چوڻ هو ته راند جي ٽنهي فارميٽس ۾ ٽيم جي رينڪنگ بهتر آهي، بنگلاديش دوري لاءِ ٽيم  جي چونڊ  سوچي سمجهي ڪئي وئي آهي نوجوان رانديگرن کي پروفيشنل اپروچ اختيار ڪرڻي پوندي نون ايندڙ رانديگرن کي وڌيڪ موقعو ڏينداسين، مستقبل کي سامهون رکندي ٽيمن جي چونڊ ڪئي، هن چيو ته اسٽار اسپنر سعيد اجمل ٽنهي اسڪواڊ جو حصو هوندو، جڏهن ته عمر اڪمل ڪنهن به فارميٽ جي ٽيم ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو ٽيم جي چونڊ ڪارڪردگي کي ڏسندي ڪئي رانديگرن جي فٽنيس ۽ ڊسيپلين تي ڪوبه ٺاهه نه ڪنداسين سينيئر رانديگر پنهنجي پرفارمنس ۽ رويو بهتر بڻائن جڏهن ته بنگلاديش لاءِ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20 قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ ۾ هي رانديگر شامل آهن ٽيسٽ جي 16 رڪني اسڪواد ۾ بابر اعظم، محمد حفيظ، سميع اسلم، مصباح الحق، اسد شفيق، اظهر علي، يونس خان، حارث سهيل، سعيد اجمل، ياسر شاهه، ذوالفقار بابر، سرفراز احمد، وهاب رياض، جنيد خان، سهيل خان ۽ راحت علي شامل آهن، جڏهن ته ون ڊي جي 15 رڪني اسڪواد ۾سميع اسلم، سرفراز احمد، محمد حفيظ، اسد شفيق، فواد عالم، اظهر علي، محمد رضوان، حارث سهيل، صهيب مقصود، سعيد اجمل، ياسر شاهه، وهاب رياض، راحت علي، احسان عادل ۽ سهيل خان ٽي 20 ۾ احمد شهزاد، سرفراز احمد، محمد حفيظ، مختار احمد، صهيب مقصود، حارث سهيل، محمد رضوان، سعيد اجمل، شاهد آفريدي، سهيل تنوير، سعد نسيم، وهاب رياض، سهيل خان، عمر گل ۽ جنيد خا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *