بنگلاديش ايندڙ مهيني زمبابوي خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ سيريز جي ميزباني ڪندو

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا خلاف سيريز ملتوي ٿيڻ کانپوءِ بنگلاديش ايندڙ مهيني زمبابوي خلاف ٻن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي ميزباني ڪندو. بنگلاديش ڪرڪرٽ بورڊ (بي سي بي) جي صدر نظم الحسن مطابق ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها سيريز ايندڙ سال جنوريءَ ۾ شيڊول هئي ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 2 ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏڻي هئي. جڏهن ته اسان جي درخواست تي زمبابوي ڪرڪيٽ اصولي طور تي نومبر ۾ سيريز کيڏڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. شيڊول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته ٽيسٽ سيريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز ايندڙ سال جنوريءَ ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *