بنيادي حق ۽ آزادي سڀ کان اهم آهي، عورتن کي عورتن جي طاقت بڻجڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بنيادي هق ۽ آزادي سڀ کان اهم آهي عورتن کي عورتن جي طاقت بڻجڻ گهرجي جڏهن عورتون ئي معاشي سرگرمين ۾ حصو نه وٺنديون ته اسان ڪهڙي ترقي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جمهوريت ۾ عورتن جو ڪردار اهم آهي فاطما جناح کان وٺي ڪلثوم نواز تائين عورتن جمهوريت جي جنگ وڙهي بينظير ڀتو خطي ۾ سياست جو مقصد ئي تبديل ڪري ڇڏيو خميس تي مريم اورنگزيب عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي اسلام آباد چيمبر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيوت ه فخر واري ڳالهه آهي جو عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي هن چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ به عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب رکي ويئي آهي هن چيوت ه معاشرو جيڪڏهن عورتن کي آزادي ۽ هق ڏي تڏهن مقصد حاصل ٿئي ٿو هن چيو ته پاڪستان انهن ملڪن مان آهي جتي پاليسيون ۽ قانونسازي ڪافي بهتر ٿينديون آهن هن چيو ته ان تي عمل لاءِ سدائين چئلينجز سامهون هوندا آهن هن چيو ته عورتن کي عورتن جي طاقت بڻجڻ گهرجي عالمي برادري پاڪستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي هن چيو ته عالمي دنيا ۾ 50 سيڪڙو عورتون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *