بنا نمبر پليٽ ڪابه گاڏي روڊ تي نظر نه اچڻ گهرجي:سپريم ڪورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ فينسي نمبر پليٽ اپلائيز فار رجسٽريشن ۽ غير ملڪي رجسٽريشن واريون گاڏيون تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته  بنا نمبر پليٽ ڪابه گاڏي روڊ تي نظر نه اچڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي پيش ڪيو. آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 3 هزار 8 سئو 27 اهلڪار آهن، جن مان صرف ڊي ايڇ اي ۾ 4 سئو اهلڪار مقرر آهن. هن عدالت کي ٻڌايو ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ وڌيڪ 8 هزار نوان ٽريفڪ پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويندا، جنهن سان ٽريفڪ جو نظام وڌيڪ بهتر ٿيندو. سپريم ڪورٽ فينسي نمبر پليٽ اپلائيز فار رجسٽريشن ۽ غير ملڪي رجسٽريشن وارين گاڏين کي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته بنا نمبر پليٽ ڪابه گاڏي روڊ تي نظر نه اچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *