بنا ثبوت جي ڪير نواز شريف کي سزا ڏيڻ واري ضد تي قائم آهي ته اسان جنگ لاءِ تيار آهيون: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف جي خلاف ڪوئي ثبوت پيش ناهي ٿي سگهيو ان جي باوجود ڪڏهن ڪوئي کيس سزا ڏيڻ تي ضد ڪري رهيو آهي ته اسان هي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون هڪ شخص اڳوڻو وزيراعظم آهي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي پوءِ به ضروري ٿيو ته نالو اي سي ايل ۾ وجهنداسين نوازشريف بابت عدليه جو فيصلو تڪراري هو مخصوص حالتن ۾ اسيمبلين جو مدو هڪ سال تائين وڌائي سگهجي ٿو ان حوالي سان آئين ۾ شق موجود آهي ايندڙ چونڊون 31 جولاءِ کان اڳ ٿي وينديون آئين ۾ سمورن ادارن جي حد مقرر آهي جنهن موجب هر اداري کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته نوازشريف گرفتاري لاءِ تيار آهي وزيراعظم چيو ته نيب هڪ ادارو آهي ۽ حڪومت به هڪ ادارو آهي ٻئي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن  هن چيو ته وزيراعظم جي عهدي لاءِ اميدوار شهبازشريف هوندو هن چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني فوج ڪنهن جنگ جو حصو نه هوندو هي معمول جو حصو آهي جيڪو تربيتي مقصدن جي لاءِ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *