بلٽ پروف گاڏين جو ڪيس انڪوائري مان انويسٽيگيشن ۾ تبديل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي ويو آهي، نيب بلٽ پروف گاڏين جي ڪيس ۾ انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.  نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.  نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ بلٽ پروف گاڏين جي ڪيس ۾ انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪيس ۾ گهرو وزارت ۽ اسٽبيلشمينٽ جا آفيسر بيان قلمبند ڪرائي چڪا آهن جڏهن ته نواز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ فواد حسن فواد جو بيان ورتو ويو آهي.  اجلاس ۾ مختلف ريفرنسن، انويسٽي گيشن ۽ انڪوائري جي منظوري ڏني ويندي.آصف علي زرداري خلاف پارڪ لين ڪيس ۾ ضمني ريفرنس سميت مختلف انويسٽيگيشن ۽ انڪوائري جي منظوري به غور هيٺ آهي. نيب چيئرمين چيو ته ڦريل 326 ارب رپيه جي رقم اوڳاڙي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *