”بلو“ راڻي جي عشق ۾ مبتلا آهيان ان ڪري لاڙڪاڻي نه آيس: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مون کي گرفتار ڪريو وڏو عرصو ٿي ويو آهي ساهرن ۾ ويندي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان چيو ته ڇڪتاڻ انهن جي پاليسي ناهي هن کي جواب ڏنم ته نااهل حڪومت کي ختم ٿيڻ گهرجي، منهنجي پنهنجي پارٽي آهي ۽ تحريڪ انصاف جو اتحاديآهيان مان صرف عمران خان کي سڃاڻان ٿو، تحريڪ انصاف سان منهنجو ڪوبه تعلق ناهي، هن جو چوڻ هو ته بلو راڻي جي عشق ۾ مبتلا آهيان ان لاءِ لاڙڪاڻي نه پيو وڃان، نواز حڪومت خلاف ٽينڪ توپ کڻي نه پيا نڪرون، حڪومت طاقت جو مظاهرو ڪندي ته عوام آواز اٿارڻ جو حق رکي ٿو هي حڪومت 23 مارچ تائين رهي ته پنهنجي شڪست قبول ڪندس، ايندڙ ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ضرور ويندس، شيخ رشيد جو چوڻ هو ته جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي تحريڪون ئي ڏٺيون، سڄي زندگي جلسا، جلوس کيڏيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *