بلوچستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، لياري گينگ وار جو اهم ڪردار بابا لاڊلا مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران لياري گينگ وار جو اهم جوابدار بابا لاڊلا مارجي ويو آهي. بابا لاڊلي جي ويڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي. ذريعن موجب ايراني بارڊر جي ڀرسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي ۾ گينگ وار جي جوابدار وچ ۾ فائرنگ ٿي جنهن کانپوءِ جوابي فائرنگ ۾ بابا لاڊلا مارجيويو. لاش ۽ گاڏين کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته بالا لاڊلا لياري سميت ڪراچي ۾ 100 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث هو ۽ سندس سر جي قيمت 25 لک روپيا مقرر هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *