بلوچستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، اهم ڪمانڊر سميت 12 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوهلو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جَي علائقي ڪــوهلو ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دروان پابندي مڙهيل تنظيم جي اهم ڪمانڊر سميت 12دهشتگرد مارجي ويا، ايف سي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا. بلوچستان جي ڪوهلو واري علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني. ايف سي ترجمان جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي اهم ڪمانڊر جهان عرف جهانگير سميت 12دهشتگرد مارجي ويا آهن، جن جي قبضي مان مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. ايف سي ترجمان موجب، مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *