بلوچستان ۾ سينيٽ اليڪشن کي ڪمرشلائيز ڪري بدنام ڪيو پيو وڃي: سردار اختر مينگل

ڪوئيٽا (بيورو) بلوچستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريدنگ کي روڪڻ لاءِ مختلف پارٽين سان رابطن تي اتفاق ڪري ورتو، سردار اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان ۾ سينيٽ اليڪشن کي ڪمرشلائيز ڪري بدنام ڪيو پيو وڃي، اهڙي داغ کي صاف ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي. ڪوئيٽا ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريدنگ کي روڪڻ سڀني پارٽين جي ذميواري آهي. هن چيو ته بلوچستان  اسيمبلي ۾ اپوزيشن پارٽيون هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم تي آهن. سردار اختر مينگل چيو ته بلوچستان ۾ سينيٽ اليڪشن کي ڪمرشلائيز ڪري بدنام ڪيو پيو وڃي، اهڙي داغ کي ختم ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عبدالغفور حيدري چيو ته هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ سڀني پارٽين سان رابطا جاري آهن. غفور حيدري چيو ته گوادر بلوچستان جو معاشي حب آهي، ان تي سڀ کان پهريان حق بلوچستان جو ئي هئڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *