بلوچستان ۽ سنڌ ۾ روڊ حادثا، 17 ڄڻا اجل جو شڪار، 27 کان وڌيڪ زخمي

حب/سيوهڻ/مٽياري(م.ڊ/نمائندن وٽان) بلوچستان جي علائقي حب ۾ هڪ هانءُ ڏاريندڙ حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.رپورٽ موجب اهو حادثو حب جي علائقي بيلا ڪراس ويجهو بس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر سبب پيش آيو، ٻئي گاڏيون ٽڪرائيندي ئي بس ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي ور چڙهي 13 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 16 زخمي ٿيا جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ڊي سي لسٻيلي شبير مينگل موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙ مسافر بس ۾ لڳل باهه تي قابو ڪيو ويو آهي، بس ۾ ڪل 29 ماڻهو سوار هئا جيڪي ڪراچي کان پنجگوڙ وڃي رهيا هئا، ذريعن موجب مسافر بس جي ڳجهن خانن ۾ ايراني ڊيزل سبب باهه لڳي. ٻئي طرف  رات دير سان سيوهڻ ڀرسان لڪي شاھ صدر وٽ انڊس ھاءِ وي روڊ تي اڻڄاتل گاڏي ڪار کي پٺيان زوردار ٽڪر ھنيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪار ڪلٽيون کائي کڏ ۾ ڪري پئي، نتيجي ۾ ڪار سوار ٻه 2 ڄڻا نظير احمد ڀٽو ۽ عبدالحميد لوھار ترت طبي امداد نه ملڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ھڪ ڄڻو عبدالسبحان سخت زخمي ٿي پيو.ٺيٻاٺ پوليس اطلاع ملڻ کانپوءِ حادثي واري ھنڌ پھچي فوتين ۽ زخمين کي سيوھڻ  اسپتال  پھچايو. حادثي جو شڪار ٿيل ڪار سيوھڻ کان قاضي احمد طرف وڃي رھي ھئي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي. فوتي پاڻ ۾ دوست هئا، جيڪي قلندر لال شهباز جي درگاهه جي زيارت لاءِ آيل هئا. هوڏانهن مٽيار، هالا، ڀٽ شاهه، نيوسعيدآباد، کيبر ۽ سيکاٽ نيشنل هاءِ وي تي مختلف روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت، جڏھن ته 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي هالا، ڀٽ شاهه، مٽياري ۽ حيدرآباد اسپتالن ۾ نيو ويو، جن جو علاج ڪرايو ويو. جڏهن ته هالا ڀرسان سانڌاڻ روڊ وٽ صادق آباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ ڪري 10 مسافر زخمي ٿيا. ٻئي پاسي ڀگي شير اسٽاپ وٽ ڪار ۽ بس جي ٽڪر ۾ ڪار سوار ٻه ڄڻا زخمي، هوڏانهن کيبر ويجهو ٽن گاڏين جنهن ۾ ٻن ٽرڪن ۽ هڪ ڊاٽسن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته مٽياري_سيکاٽ روڊ تي چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *