بلوچستان کي پاڪ چين اقتصادي راهداري سان وڏو فائدو ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن و استحڪام لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان کي پاڪ چين اقتصادي راهداري سان وڏو فائدو ٿيندو، اقتصادي راهداري بلوچستان ۾ خوشي جي لهر آڻيندي. هو اربع ڏينهن بلوچستان متعلق اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ بلوچستان متعلق اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ امن امان تي ويچاريو ويو. اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، ريلوي وزير خواجا سعد رفيق، بلوچستان جي سينئر وزير ۽ ن ليگ جي اڳواڻ سردار ثناءُ الله زهري، صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جعفر خان مندوخيل، وزيراعظم جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شريڪ ٿيا. وزيراعظم نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت بلوچستان جي ترقي لاءِ گهربل فنڊز فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن امان لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان کي پاڪ چين اقتصادي راهداري مان وڏو فائدو ٿيندو، اقتصادي راهداري بلوچستان ۾ خوشي جي لهر آڻيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *