بلوچستان کي هڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نتيجا سٺا نه نڪرندا. اين ايف سي ايوارڊ خلاف حڪومت جو ساٿ نه ڏينداسين: اختر مينگل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم خلاف حڪومت جو ساٿ نه ڏينداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته پي ٽي آءِ قيادت جو دل سان ٿورائتو آهيان،  بلوچستان جو مسئلو پراڻو ۽ سياسي آهي جنهن کي سياسي طريقي سان حل ٿيڻ گهرجي، بلوچستان کي هڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نتيجا سٺا نه نڪرندا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو پهرين نمبر تي رهيو، معاملن تي عمل لاءِ ڪميٽي ٺهي وئي آهي، دير آيد درست آيد. هن چيو ته وزيراعظم تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جي مسئلي ۽ ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ تي حڪومت جو ساٿ نه ڏينداسين،  سياسي ماڻهن جي ڪميٽي بلوچستان وڃي رپورٽ تيار ڪري جيڪي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *