بلوچستان ڌماڪو، 6 ايف سي اهلڪار شهيد، 3 زخمي

هرنائي( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي هرنائيءَ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا. هرنائيءَ ۾ شاهه برگ ويجهو شرپسندن  ايف سي جي گاڏيءَ کي تنهن وقت نشانو بڻايو جڏهن اها معمول موجب گشت ڪري رهي هئي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ پيرا ملٽري فورسز جا 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا  ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ايف سي اهلڪارن کي فوري طور طبي امداد لاءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي.  ڌماڪي کان فوري پوءِ ايف سي ۽ ليويز اهلڪارن واقعي کي ڪڙو چاڙهي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻي طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءَ الله زهري ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Share

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *