ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بلوچستان اڳوڻي جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري آپريشن جي ڪري ماڻهن جو وڏو انگ گهر ٻار ڇڏي ٻين هنڌن ڏانهن هليو ويو آهي ان ڪري هتي مردمشماري معطل ڪئي وڃي. ڪراچي ۾ حيدر منزل تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته بلوچستان ۾ گذريل 15 سالن کان دهشتگردن خلاف جاري آپريشن جي رهواسين جو وڏو انگ لڏ پلاڻ ڪري چڪو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ اهڙا علائقا به موجود آهن جتي ڪير به ناهي رهندو، مردمشماري ذريعي ماڻهن جو اصل انگ ڄاڻڻ ضروري آهي، ان ڪري جيسيتائين بلوچستان جون سڌرن نٿيون تيسيتائين مردمشماري نه ڪئي وڃي. ان موقعي تي نيشنل پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه چيو ته سي پيڪ ۽ مردمشماري تي ڪنهن کي به اعتراف ناهي تنهن هوندي مردمشماري ذريعي ماڻهن جو اصل انگ ۽ زميني حقيقتون ڄاڻڻ ضروري آهي. هن چيو ته 57 ارب مان رڳو هڪ ارب رپيا بلوچستان ۾ خرچ ڪيا پيا وڃن جڏهن ته هاڻ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ توانائي، گيس ۽ صاف پاڻي ڏنو پيو وڃي.