بلوچستان مان احساس محرومي ختم ڪري بنيادي سهوليتون ڏنيون وڃن: بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي توڙي بلوچستان حڪومت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان صوبي مان احساس محرومي ختم ڪري صوبي جي ماڻهن کي بنيادي سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن، بلاول ڀٽو زرداري اهڙو اظهار اڄ بلاول هائوس ۾ گوادر مان پ پ جي ٽڪيٽ هولڊر اعجاز بلوچ سان ملاقات دوران ڪيو. اعجاز بلوچ پ پ چيئرمين کي ٻڌايو ته گوادرجا رهواسي ٽن مهينن کان پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، عوام جي احتجاج ۽ مظاهرن باوجود انتظاميا حرڪت ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهي، هن اها به شڪايت ڪئي ته تازو گوادر ۾ سئي گئس جو پلانٽ لڳايو ويو آهي پر صرف من پسند ماڻهن کي گئس جي سهوليت ڏني وئي آهي جڏهن ته غريب ماڻهو۽مقامي مُهاڻا انهي سهوليت کان محروم آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صوبي ۾ بنيادي سهوليتن جي حوالي سان اهڙي ناانصافي ۽ مت ڀيد کي برداشت نه ڪبو ۽ پارٽي اهڙي عمل تي خاموش نه ويهندي، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو1988ع ۾ وزارت عظميٰ دوران گوادر لڳ اڪرا ڪور ڊيم اڏڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پوءِ پيپلزپارٽي جي ٻئي دور ۾ 1995ع ۾ گوادر جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ اهو ڊيم مڪمل ڪيو ويو، پ پ پ چيئرمين وفاقي ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن تي زور ڀريو آهي ته گوادر۾ ڪنهن وڏي انساني سانحي کان بچڻ لاءِ پاڻي جي کوٽ جي خاتمي تي ڌيان ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته  ارڙهين ترميم تحت مقامي ماڻهن کي پنهنجي وسيلن جو مالڪ باڻيو ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري، اعجاز بلوچ کي خاطري ڪرائي ته هو جلد بلوچستان جي ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪندو پارٽي مامرن جي به جاچ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *