بلوچستان ۾ ن ليگ ۽ پختونخواهه ميپ جا 3، 3 اميدوار ڪامياب، ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ سوڀاري: غير سرڪاري نتيجا

ڪوئيٽا/پشاور(م.ڊ) بلوچستان اسيمبلي ۾ سينيٽ جي 12 سيٽ نلاءِ پولنگ ٿي مسلم ليگ ن لاءِ هڪ وڏو اپ سيڊ سردار يعقوب ناصر جي شڪست جي صورت ۾ سامهون آيو ان کي صرف 6 ووٽ مليا، ان جي مقابلي ۾ آزاد اميدوار يوسف باديني حيران ڪندڙ طور تي ڪامياب ٿي ويو، اسپيڪر جان محمد جمالي جي ڌيءَ ثنا جمالي به هارائي وئي پر هن 15 ووٽ کڻي ن ليگ کي وڏو نقصان پهچايو ، جنرل سيٽن تي نيشنل پارٽي جو مير حاصل بزنجو، پختونخواهه ميپ جو محمد عثمان ڪاڪڙ  اعظم موسيٰ خيل، جي يو آءِ جو مولانا عبدالغفور حيدري، مسلم ليگ ن جو نعمت الله زهري، بي اين پي مينگل جو جهانزيب جمالديني ۽ آزاد اميدوار يوسف باديني ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، ٽيڪنوڪريٽ جي 2 سيٽن تي نيشنل پارٽي جو ڪبير محمد شهي ۽ مسلم ليگ ن جو آغا شهباز دراني ڪامياب ٿي ويو، عورتن جي 2 سيٽن تي پختونخواهه ميپ جي گل بشريٰ ۽ مسلم ليگ ن جي ڪلثوم پرويزن ڪامياب ٿي وئي. ٻئي طرف صدارتي آرڊيننس جاري ٿيڻ سبب فاٽا ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿي نه سگهيو جنهن کي معطل ڪيو ويو، هوڏانهن خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن دوران بدمضگي سبب اليڪشن نه ٿي سگهي هئي جنهن جو ٽائن 4 وڳي بجاءِ رات 8 وڳي تائين وڌايو ويو هو آخري اطلاعن تائين چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڪامياب کي قرار ڏنو ويو .

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *