بلوچستان دهشتگردي کان بچي ويو، سوين راڪيٽ، خودڪش جيڪيٽون هٿ

ڪوئيٽا(م.ڊ) محرم الحرام دوران دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو، ايف سي بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۽ قلعه عبدالله ۾ ڪارروائي دوران 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾اسلحو ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو مستونگ جي علائقي ڪانڪ ۽ قلعه عبدالله جي تعلقي گلستان ۾ڇاپا هنيا ويا ٻنهي ڪارروائين ۾ وڏي تعداد ۾ اسلحو، بارود ۽ خودڪش جيڪيٽون هٿ ڪيون ويون، ميڊيا سامهون پيش ڪيل اسلحي ۾ 15 خودڪش جيڪيٽون، 107 ايم ايم جا 100 راڪيٽ، 122 ايم ايم جا 2 راڪيٽ، 30 سمال مشين گن، 8 ڪلاشنڪوف، ٻه ٽن بارودي مواد، وڏي تعداد ۾ رائونڊ ۽ ٻيو سامان شامل آهي، صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ ايف سي اختيارين جو چوڻ آهي ته هٿ آيل اسلحو محرم ۾ دهشتگردي جي ڪارروائن ۾ استعمال ٿيڻو هو، ڪارروائين دوران گرفتار ڪيل 3 جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *