بلوچستان حڪومت دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ سنجيده ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا سانحو پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته بلوچستان حڪومت دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ سنجيده نٿي لڳي جسٽس دوست محمد خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ سنجيده نٿي لڳي قانون ٺاهيندڙن کي آئين به پڙهايون، شهرين جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي هاءِ ڪورٽ 2012 ۾ فرانزڪ ليب جي قيام جي هدايت ڪئي هئي جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته سپريم ڪورٽ جي هڪ جج ڪوئيٽا سانحي جي جوابدارن کي ٽريس ڪيو هر سانحي تي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جج فراهم نٿي ڪري سگهي جاچ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪم آهي فورنزيڪ ليب لاءِ رکيل ڪروڙين رپيا هضم ٿي ويا جسٽس دوست محمد چيو ته ڪميشن سفارشن تي عملدرامد نه ٿيڻ به ڏوهه آهي 17 سالن کان ڌماڪا ٿي رهيا اهن صوبائي حڪومت ستل رهي هر بجيٽ ۾ 5 ملين به خرچ ڪيا وڃن ٿا ته فورنزڪ ليب تيار ٿي وڃي ها ان موقعي تي جسٽس آصف کوسه اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاريندي چيو ته اوهان کي ته رپورٽ پڙهڻ به نٿي اچي ان تي عملدرآمد ڇا ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *