بلوچستان جي علائقي لورالائي ۾ هٿياربندن جو پوليس گاڏي تي حملو، ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪار شهيد

لورالائي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي لورالائي ۾ هٿياربندن جي پوليس جي گاڏيءَ تي دستي بم حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا ، ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي آور چئن ڄڻن کي اغوا پڻ ڪري ويا آهن، بلوچستان جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ گهري ورتي آهي. پوليس موجب لورالائي ۾ چَيچَلو چيڪ پوسٽ ويجهو هٿياربندن پوليس موبائل تي دستي بم سان حملي بعد فائرنگ ڪري ڏني. حملي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او طاهر، اي ايس آءِ رفيق، اهلڪار قيوم، سرفراز، ظريف ۽ پوليس موبائل جو ڊرائيور حبيب الله شهيد ٿي ويا. واقعي بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، پر حملي آور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ليويز ذريعن موجب حملي آور 4 ڄڻن کي اغوا به ڪري ويا آهن، جڏهن ته دستي بم حملي جي نتيجي ۾ چيڪ پوسٽ کي پڻ نقصان رسيو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. بلوچستان جي گهرو وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته اهلڪارن جو قتل رياست تي حملو آهي، ملوث جوابدارن کي انجام تائين پهچايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *