بلوچستان جي ترقي ۾ ڪائي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ وفاقي ترقياتي رٿائن ۽ مڪران کي نيشنل گرڊ سان ڳنڍڻ واري منصوبي جي سست رفتار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پلاننگ ڪميشن، واپڊا ۽ اين ايڇ کي بلوچستان جي ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز، ڏکڻ بلوچستان پئڪيج نموني اتر بلوچستان پئڪيج تيار، بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ تجارتي سرگرميون بنا دير بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جمعي تي وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي جنهن ۾ بلوچستان جون ترقياتي ۽ مالي ضرورتون ۽ صوبي ۾ وفاقي رٿائن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي مير عبدالقدوس بزنجو چيو تهس رحدون بند ٿيڻ سان سرحدي علائن جي عوام جو روزگار ختم ٿي ويو آهي، بارڊر مارڪيٽن جي قيام جي منصوبن تي عمل تائين سرحدي علائقن ۾ روزگار جا موقعا ۽ سهولتون ڏيڻ ضروري اهي هن وزيراعطم کي سرحدي علائقن ۾ واپاري سرگرميون بحال ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ تجارتي سرگرمين کي ترت بحال ڪرڻ لا3 لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪري ڇڏي. بلوچستان جي وڏي وزير بلوچستان جي مسئلن جي حل ۽ صوبي جي ترقي ۾ خاص دلچسپي وٺڻ تي وزيراعطم جو شڪريو ادا ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *