بلوچستان، سنڌ، فاٽا سميت ٻين علائقن ۾ ”را“ انتشار پکيڙي رهي آهي: رابطا ڪميٽي

ڪراچي/لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم رابطا ڪيمٽي ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي خفيه ايجنسي ”را“ بلوچستان، سنڌ ۽ فاٽا سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ انتشار پکيڙي رهي آهي. هندوستان جي خفيه ايجنس پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي. ايم  ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ملڪ جي موجودهص ورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي مخالفن مختلف موقعن تي اهڙا توهين آميز لفظ استعمال ڪيا آهن، الطاف حسين جي تقرير تي قراداد مذمت جوڳي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *