بلديه ٽائون سانحي جي جوابدار شڪيل عرف ڇوٽا سميت 4 ڄڻا 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بلديه ٽائون سانحي فيڪٽري جي جوابدار شڪيل عرف ڇوٽا سميت 4 جوابدارن کي دهشتگردي روڪ جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت کين 14 ڏينهن جي رمانڊ جيل حوالي ڪري ڇڏيو..پوليس بلديه فيڪٽري سانحي کيس ۾ گرفتار جوابدار شڪيل عرف ڇوٽا، حميد، شهزاد ۽ فاروق کي سخت حفاظتي پهري هيٺ دهشتگردي روڪ جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت چئني جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شڪيل عرف ڇوٽا کي فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، چئني جوابدارن کي پريڊي ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو هيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *