بلديه ٽائون سانحو: وزير اعظم ۽ آرمي چيف جمعي تي ڪراچي پهچندا، اهم اجلاس طلب

اسلام آباد/ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم ميان نواز شريف سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خاص طور تي بلديه ٽائون سانحي جي تحقيقاتي رپورٽ سامهون اچڻ ۽ ان ۾ واضح طور تي هڪ سياسي پارٽي تي ذميداري پوڻ سان پيدا صورتحال تي ويچارڻ لاءِ جمعي ڏينهن 3 1  فيبروري تي گورنر هائوس مان نهايت اعليٰ سطحي اجلاس گهرائي ورتو، اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ آرمي چيف کان علاوه سنڌ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجرز، گهرو سيڪريٽري، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جا نمائندا به شريڪ ٿيندا، ٻئي طرف وزير اعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ مختلف کاتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو پيو وڃي، نواز شريف چيو آهي ته عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت ڪوششن ۾ رڌل آهي. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وفاقي وزير ۽ صلاحڪار شريڪ آهن، جيڪي وزير اعظم کي پنهنجن پنهنجن کاتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏئي رهيا آهن. وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته حڪومت عوام جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ ۾ رڌل آهي هن چيو ته بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ اُن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *