بلديه سانحي جي رپورٽ مان ثابت ٿي ويو ته مزدور حادثي ۾ فوت نه ٿيا پر انهن کي قتل ڪيو ويو: سراج الحق

پشاور (بيورو) جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته بلديه سانحي جي رپورٽ مان ثابت ٿي ويو آهي ته مزدور حادثي ۾ فوت نه ٿيا پر انهن کي قتل ڪيو ويو، جي آءِ ٽي رپورٽ کان پوءِ هاڻي عدليه ۽ حڪومت جو امتحان آهي. سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ کانپوءِ پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته پشاور سانحي قوم کي متحد ڪيو آهي پر بلديه ٽائون سانحو به ان کان گهٽ نه هو. هن چيو ته 259 پورهيتن کي زندهه ساڙي قتل ڪيو ويو پر افسوس ته پيپلز پارٽي انهي سانحي تي خاموش رهي. سراج الحق چيو ته وزير اعظم گجرن، ميون ۽ ڀاڄين جا اگهه پڇائيندو پيو وتي پر هتي ادارن جو ڍينگو ڍيري لڳو پيو آهي پر ڪو به انهن جو حال پڇڻ وارو نه آهي. هن چيو ته فرانس ۾ 9 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ته سڄي ملڪ جو عوام ۽ 40 ملڪن جا سربراهه هڪ هنڌ گڏ ٿيا پر هتي ننڍيون ننڍيون قيامتون روز ڪڙڪن ٿيون پر ڪو پرسانِ حال نه آهي. سراج الحق جو چوڻ هو ته بلديه ٽائون سانحي جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته اهو حادثو نه قتل هو ۽ ڀتي نه ڏيڻ تان مزدورن کي جيئرو ساڙي ماريو ويو، ايڏي وڏي ظلم تي خاموشي سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي. هن چيو ته جهڙي نموني سان غريبن کي ملڪ ۾ ماريو پيو وڃي، ان مان لڳي رهيو آهي ته ملڪ ۾ غريبن جي خون جي ڪا به قيمت نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *