بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽراستعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر شازيه هنجراهه استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، شازيه هنجراهه چيو آهي ته ڪيس کي ڄاڻي واڻي خراب ڪيو ويو آهي. بلديا سانحي بابت 2 سال اڳ مقرر ٿيل اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر شازيه هنجراهه استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي پر  ان استعيفيٰ جو سبب نه  ڄاڻايو آهي. اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پنهنجي استعيفيٰ قانون واري سيڪريٽري کي پيش ڪري ڇڏي آهي. استعيفي ٰ ڏيندڙ شازيا هنجراهه چيو آهي بلديا سانحي ڪيس کي ڄاڻي واڻي خراب ڪيو ويو آهي ۽ اڍائي سالن بعد کيس پتو پيو ته ڪيس جا 950 شاهد آهن. هن چيو ته بلديا سانحي ڪيس جو جاچ آفيسر  ساڻس سهڪار نه پيو ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ  بلديا سانحي جي ڪيس جو فيصلو هڪ سال اندر ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ اهو ڪيس  ٽرائل ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *