بلديا فيڪٽري سانحو: ملوث سمورن جوابدارن ۽ سندن همدردن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي: ڊي جي رينجرز جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رورٽر) ڊي جــِي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، بلديا فيڪٽري سانحي ۾ ملوث سمورن جوابدارن ۽ سندن همدردن کي بنا دير گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رينجرز هيڊڪوارٽرز ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر جي سربراهي ۾ بلديا سانحي بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيڪٽر ڪمانڊرز سميت انٽيليجنس آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رينجرز انٽيجلنس طرفان بلديا  سانحي ۾ ملوث جوابدارن ۽ تنظيم جي نشاندهي ڪئي وئي جنهن بعد ڊي جــِي رينجرز ڪراچي آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جو حڪم ڏنو. رينجرز ترجمان موجب اجلاس ۾ ڀتي خور گروپ طرفان بلديه سانحي جي جاچ آفيسر ۽ متاثرن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي معاملي تي به غور ڪيو ويو جڏهن ته سانحي جي جوابدار رضوان قريشي جي اوچتي گمشدگي جو به جائزو ورتو ويو. ترجمان جو چوڻ آهي ته بلديا سانحي جي جاچ ۾ ڪجهه ڌرين جي اثر انداز ٿيڻ تي ڳڻتي آهي. اجلاس دوران ڊي جــِي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر سانحي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سندن همدردن جي گرفتاري جو حڪم ڏيندي ڪراچي آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *