بلديات کاتي ۾ نين گاڏين جي خريداري تي پابندي لاڳو، پراڻين جا تفصيل طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بلديات کاتي ۽ ان جي انتظام هيٺ هلندڙ سمورن کاتن ۾ نئي گاڏين جي خريداري تي  فوريطو تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي جڏهن ته سڀني آفيسرن ۽ سندن گهر وارن جي استعمال هيٺ گاڏين جا مڪمل تفصيل ايندڙ 10 ڏينهن اندر سيڪريٽري بلديات وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ان ڪم ۾ ناڪامي تي انهن آفيسرن خلاف ايف آءِ آر درج ڪرائي ويندي اڱارين ڏينهن بلديات ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ بلديات کاتي ۽ ان جي انتظام هيٺ هلندڙ سمورن کاتن ۾ نئي گاڏين جي خريداري تي فوري پابندي مڙهي ڇڏي آهي. شرجيل انعام ميمڻ بلديات کاتي جي سيڪريٽري ۽ کاتي جي انتظام هيٺ هلندڙ سمورن کاتن جي اعليٰ آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته افيسرن ۽ سندن فيملي جي استعمال هيٺ سرڪاري گاڏين جا مڪمل تفصيل 10 ڏينهن اندر سيڪريٽري بلديات وٽ جمع ڪرائين. اهي آفيسرجيڪي هڪ کان وڌيڪ ڳاڏيون استعمال ڪن پيا اهي به 10 ڏينهن اندر ڳاڏيون  بلديات سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائين شرجيل انعام ميمڻ ان ڳالهه جو به سخت نوٽس ورتو آهي ته بلديات کاتي جا آفيسر جيڪي هاڻ بلديات کاتي ۾ موجود ناهين اهي به بلديات کاتي جي ڳاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن انهن کي به خبردار ڪيو آهي ته اهي گاڏيون کاتي ۾ واپس جمع ڪرائين ائين نه ڪرڻ تي سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي انهن خلاف ايف آءِ آر درج ڪرائي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ بلديات ۽ ان جي انتظام هيٺ هلندڙ کاتن جي سمورن سيڪريٽريز کي واضع طور تي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ فوري طور تي پنهجي پنهنجي کاتن ۾ نوٽيفيڪيشن جاري ڪن جڏهن ته سيڪريٽري بلديات کي پڻ ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ کيس چيو ويو آهي ته هو ايندڙ 10 ڏينهن ۾ بلديات کاتي ۽ ان جي انتظام هيٺ گاڏين جو رڪارڊ جوڙي کيس کي فراهم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *