بلدياتي چونڊون: پنجاب ۽ سنڌ ۾ 21 جولاءِ کان عبوري چونڊ فهرستون لڳايون وينديون: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(اي پي پي)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڱارو 21 جولاءِ کان عبوري چونڊ فهرستون لڳائيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نوٽيفڪيشن مطابق چونڊ فهرستون رجٽريشن آفيسرز ۽ اسسٽنٽ رجسٽريشن آفيسرز جي آفيسن ۾ 7 ڏينهن تائين رکيون وينديون. چونڊ فهرستون لڳائڻ جو مقصد غلطين جي درستگي ڪرڻ ۽ اعتراض ختم ڪرڻ آهي. پنجاب ۽ سنڌ ۾ 20 سيپٽمبر تي بلدياتي چونڊون ٿيڻيون آهن، جن شهرين جا نالا چونڊ فهرستن ۾ نه آهن اهي نشاندهي ڪري سگهن ٿا. اهڙي ريت جن جا نالا غلط طور شامل ڪيا ويا آهن انهن تي به اعتراض داخل ڪري سگهجن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *