بلدياتي چونڊون: وزير اعظم جو عوامي رابطھ مھم شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپٽ ٽولو ذاتي مفادن جي سياست ۾ لڳل آهي شهبازشريف جي خلاف ڪرپشن جا اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهن ان جي ڪرپشن تي خاموش رهڻ جرم آهي جنهن جي ملڪ کي لٽيو ان کي وائکو ڪندا رهنداسين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن ۽ ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعطم جي چين جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو ته وفاقي وزير اسد عمر ۽ خاص مددگار خالد منصور بريفنگ ڏني ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي موٽ ملي رهي آهي هي چين جو دورو تاريخي ۽ گذريل دورن کان مختلف هو ان اميد ظاهر ڪئي ته چيني قيادت سان ملاقاتون ڪامياب رهيون جن جو پاڪستان کي فائدو ٿيندو. چين سياسي ۽ جاگرافيائي معاملن تي پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي وزراعظم عمرانخ ان چيو ته چين پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ وڃي رهيو آهي چين ڪشمير جي مسئلي ۽ افغانستان جي معاملي تي پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي هن چيو ته دنيا اسلامو فوبيا جي معاملي تي پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي.   وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور طاقت سان ميدان ۾ لهنداسين، تحريڪ انصاف ملڪ جي مقبول ترين جماعت آهي، عوام وٽ پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيو ڪو بهتر آپشن ناهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم مڪاني چونڊن لاءِ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، مڪاني چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست جي طريقي ڪار تي به مشاورت ٿي، وڏن شهرن ۾ ميئرز لاءِ نالن جي تجويزن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم عوامي جلسن جو شيڊيول تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي منظم ڪيو وڃي، اسان جا ڪارڪن پارٽي جو قيمتي اثاثو آهن، مڪاني چونڊن ۾ ميرٽ تي ٽڪيٽون ورهايون وينديون. هن چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ جي مقبول جماعت آهي، مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور قوت سان ميدان ۾ لهنداسين، عوام وٽ پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيو ڪو بهتر آپشن ناهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي چين دوري بابت به بريفنگ ڏني وئي ۽ وزيراعظم دوري جي ڪاميابي اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *