بلدياتي چونڊون: سنڌ ۾ ٽنهي مرحلن جو ٽرن آئوٽ 48 سيڪڙو رهيو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي ٽنهي مرحلن جي ٽرن آئوٽ جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو اليڪشن ڪميشن مطابق سنڌ جي مڪانيچ ونڊن ۾ ٽنهي مرحلن جو ٽرن آئوٽ 48 سيڪڙو رهيو سنڌ صوبي جي 52 سيڪڙو وُٽرز بلدياتي چونڊن ۾ حصو نه ورتو 1 ڪروڙ 72 لک مان 82 لک 91 هزار ووٽرز پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ جي 89 لک 47 هزار ووٽرز ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ ٿرپارڪر ۾ 70 سيڪڙو رهيو جڏهن ته سڀ کان گهٽ ٽرن آئوٽ ڪراچي ايسٽ ۾ 29 سيڪرو رهيو اليڪشن ڪميشن مطابق خيرپور ۾ 60، عمرڪوٽ، مٽياري ۾ ٽرن آئوٽ 63 سيڪڙو رهيو. پهرين مرحلي جي 8 ضلعن ۾ ٽرن آئوٽ 54 پوائنٽ 28 سيڪڙو رهيو ٻئي مرحلي جي 14 ضلعن ۾ 58 سيڪڙو ٽرن آئوٽ رهيو ٽئين مرحلي جي ڇهن ضلعن ۾ ٽرن آئوٽ سڀ کان گهٽ 36 سيڪڙو رهيو. سانگهڙ ۾ امن جي صورتحال خراب هجڻ سبب اليڪشن اڃا تائين ناهي ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *