بلاول کي ڪويتي هم منصب جي فون، مبارڪون، پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن:  پرڏيھي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر المحمد الصباح پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس پرڏيهي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر المحمد الصباح، بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملڪن جي ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪويت جي پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب کي عهدو سنڀالڻ جي مبارڪ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستانين جو وڏو انگ ڪويت ۾ رهي پيو ۽ ٻنهي ملڪن جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان ڪويت سان ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *