بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف جون مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون، حڪومت مخالف تحريڪ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جون مولانا فضل الرحمان سان ڌار ڌار ملاقاتون، حڪومت مخالف تحريڪ ۽ اي پي سي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اپوزيشن ليڊر شهبازشريف اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران نئين پيش ڪيل بجيٽ، حڪومت مخالف تحريڪ، ۽ اي پي سي بابت صلاح مشورا ڪيا ويا، ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران نئين بجيٽ کي آءِ ايم ايف جي بجيٽ ۽ عوام دشمن بجيٽ قرار ڏيندي فيصلو ڪيو ويو ته بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته بجيٽ پاڪستان ناهي ٺاهي، ٻاهران ٺاهي آندي وئي آهي. جيڪا آءِ ايم ايف جي حڪم تي ٺاهي وئي. اسان کي گڏجي نئين بجيٽ جي مخالت ڪرڻ گهرجي، ملڪ دشمن بجيٽ کي منظور ٿيڻ نه ڏينداسين، بلاول ڀٽو چيو ته پارليامينٽ کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ ۽ جي يو آءِ ف جو پنهنجو پنهنجو نظريو آهي، ٻنهي جماعتن گڏجي آئين ٺاهيو، پرويز مشرف خلاف به گڏجي جدوجهد ڪئي. هاڻي ڪٺ پتيلن خلاف گڏجي جدوجهد ڪنداسين. بلاول چيو ته اڄ نئين پاڪستان مان جمهوريت کي نقصان پهچي رهيو آهي. ان موقعي تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اي پي سي جون جي آخري ڏهن ڏينهن دوران سڏائينداسين، اتفاق ٿيو آهي ته جيڪو اي پي سي ۾ طئي ٿيندو، ان تي عمل ڪنداسين، هن چيو ته هي دور معاشي غلامي جو دور آهي، نئين بجيٽ پاڪستان جي نه، آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي، آءِ ايم ايف جي نمائندي هتي اچي بجيٽ ٺاهي، جيڪا ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن بجيٽ آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته ڊالر 157 رپين تائين پهتو آهي، ٻڌايو ته غريب ڪيڏنهن ويندو؟ نئين بجيٽ بعد عوام بجلي ۽ گئس جا بل ڀرڻ جي قابل به ناهي رهيو. موجوده حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *