بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري وچ ۾ اختلاف وڌي ويا، سبب اويس مظفر ۽ فريال جي پارٽي معاملن ۾ مداخلت نڪتو: ذريعا

لاهور(م.ڊ) آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ اختلاف وڌي ويا آهن اختلافن جو بنيادي سبب اويس مظفر ۽ فريال ٽالپر جي پارٽي معاملن ۾ مداخلت نڪتو جڏهن ته اهي به اطلاع آهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد شاهه به بلاول ڀٽو کي پسند ناهن جڏهن ته آصف علي زرداري بلاول ڀٽو کي پارٽي معاملن کان پري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ذريعن مطابق بلاول ڀٽو پارٽي کي بينظير ڀٽو جي مشن مطابق هلائڻ ۽ انهن جي ساٿين کي گڏکڻي هلڻ چاهي ٿو ۽ پارٽي جو فرينڊلي اپوزيشن جو تاثر ختم ڪرڻ کي به ترجيح ڏئي ٿو، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ آصف زرداري اڃان به مفاهمتي سياست ڪرڻ چاهي ٿو ذريعن مطابق بلاول ڀٽو ڪيترن ئي اڳواڻن جي ڪرپشن سبب ناراض نظر اچي پيو ان سموري صورتحال کانپوءِ بلاول ڀٽُ فيصلو ڪيو آهي ته هو شهيد بينظير ڀٽو جي پراڻن ساٿين کي گڏ ڪرڻ لاءِ تمام جلد ان حوالي سان باقاعده رابطن جو سلسلو شروع ڪندو، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي ان جي ويجهن ساٿين الڳ گروپ جوڙڻ جو به مشورو ڏنو آهي ان سلسلي ۾ بلاول ڀٽو کي پنهنجي ڀيڻ بختاور ۽ آصفه کان علاوه شهيد بينظير ڀٽو جي ڀيڻ ۽ بلاول ڀٽو جي ماسي صنم ڀٽو جي به مڪمل حمايت حاصل آهي جڏهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته بلاول ڀٽو کي احتياط کان ڪم وٺڻ ۽ سياست کان ڪجهه عرصو پري رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي ۽ هي مشورو ڪنهن ٻئي نه پر سندس والد آصف علي زرداري ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *