بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري سان سينيٽر اعتزاز احسن جي ملاقات، سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان پيپلزپارٽِ جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر اعتزازاحسن جمعي تي بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ گڏيل سياسي صورتحال پارٽي معاملن ۽ پنجاب ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ذريعن مطابق اعتزازاحسن چونڊون 2013 ۾ ٿيندڙ ڌانڌلي جي خلاف جڊيشل ڪميشن جي معاملن کي به پارٽي کي آگاهه ڪيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب ۾ ضلعي کان وارڊ جي سطح تائين پيپلزپارٽي کي منظم ڪيو ويندو ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن ۾ تمام نشستن تي اميدوار بيهارينداسين. جلد پنجاب جو دورو ڪندس ۽ عوام ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪندس. هن چيو ته پنجاب جي پارٽي معاملي تي هاڻي ڀرپور طريقي سان توجهه ڏني ويندي ۽ منظم انداز ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *