بلاول ڀٽو ڪشمير مسئلو حل نه ٿيڻ گڏيل قومن جي ناڪامي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر/اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقوام متحده پنهنجي ڪمزورين جو تجزيو ڪري ڪشمير متعلق ڪراردادن تي عمل ڪرائي ڪشمير جي مسئلي جي حل کان سواءِ خطي ۾ امن ممڪن نه آهي عالمي برادري جو رويو تعصب وارو آهي پاڪستان ۾ مذهبي نفرت جي باهه ڀڙڪائي پئي وڃي آمريت جي دور ۾ ڪيل فيصلن جا نتيجا اسان اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون اسان پنهنجين اهنجن جا پاڻ ذميوار آهيون ڪنهن کي الزام نٿا ڏيئي سگهون اسان کي پنهنجن فيصلن ۽ قدمن جي ذميواري پاڻ کڻڻي پوندي بمن بدران ڪتاب وٺڻا پوندا اسان کي غير سياسي عنصر کي طاقت ڏيندي ياد رکڻ گرجي ته هي عنصر اهي نه ڪنهن قانون کي مڃين ٿا نه رياست کي هي اهي ماڻهو آهن جيڪي عوام کي جواب به نٿا ڏين هي ملڪ دشمن پنهنجا غلط مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهن ٿا اسان کي ڊڪٽيٽر حڪمراني ڪئي جمهوري پاڪستاني هجڻ جي ناطي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته ماضي پاڻ کي ورجائي ٿو اسان ڪنسرٽ ۽ ليپ ٽاپ سان پنهنجي نالي جي سڃاڻپ نٿا چاهيون اسان کي آمريت، فاشزم ۽ بادشاهتن جي دورن کان ڏسڻو پوندو ۽ جمهوريت کي هٿي ڏيڻي پوندي هو آچر تي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ مان ماڊل يونائيٽييڊ نيشنل جي عنوان سان شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو انسٽيٽيٽو آف ٽيڪنالوجي ۽ بلاول هائوس جي تعاونس ان منعقد چئن ڏينهن واري ڪانفرنس جي آخري ڏينهن نمائندن کي خطاب ڪري رهيو هو ان موقعي تي آغا سراج دراني، سيده شهلا رضا، بختاور ڀٽو زرداري ۽ اويس مظفر موجود هئا ڪانفرنس ۾ آمريڪا سوئيڊن ۽ نائيجيريا روس جي 9 شاگردن سميت 1500 شاگردن شرڪت ڪئي ڪانفرنس ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 1971 ۾ اقوام متحده ۾ ڪئي ويندڙ تقرير تي شاگردن آڏو وڊيو تي نشر ڪئي ويئي جنهن ۾ ذوالفقارعلي ڀٽو کي اقوام متحده ۾ پولينڊ جي قرارداد ڦاڙيندي ڏيکاريو ويو هن چيو ته اڄ اولهه دنيا شام لبيا مصر ۾ عرب اپرنگ مدد ڪرڻ لاءِ ۽ ننڍي ۽ جلد حاصل ڪرڻ جي مقصدن لاءِ وري اها ئي غلطي ڪري رهي آهي غير سياسي عنصرن کي هٿيار ۽ پئسا ڏيئي رهي آهي پر هي راند هاڻي اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي اڄوڪو عالمي نظام ان قائدي تي هلي رهيو آهي ته طاقت ۽ ڪمزور کان وڌيڪ برتر آهي پاڪستان پيپلزپارٽي جي دور ۾ اسان بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جو جهنڊو هميشه بلند رکيو ۽ اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل بين الاقوامي ملڪن کي قائل ڪري وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا ۽ اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ نشست حاصل ڪئي هن چيو ته پاڪستان جو آواز ضروري آهي ۽ ان آواز کي ٻڌڻ پوري دنيا تي لازم آهي مان عالمي برادري کي چوان ٿو ته ٻڌو شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي آواز کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آواز کي پاڪستان جي آواز کي مان صرف 26 سالن جو آهيان مان هڪ امن پسند جمهوري ۽ دنيا جي قديم تهذيب سنڌو تهذيب جو حصو آهيان ۽ مان چاهيان ٿو ته دنيا اسان جو آواز ٻڌي هن چيو ته مذهبي جنون منهنجي نانا منهنجي ٻن مامن ۽ منهنجي ماءُ کي شهيد ڪيو منهنجي پاڪ ڌرتي کي رت ۾ وهنجهاريو ۽ اڄ به هي مذهبي فسطائيت جي باهه پاڪستان ۾ ڀڙڪي رهي آهي مان عالمي برادري کي چوان ٿو ته پاڪستان جي آواز ٻڌو پاڪستان جي تاريخ سکو هن چيو ته 1980 ۾ سڄي دنيا روس جي خلاف افغان جنگ ۾ حصو ورتو پر ان دوران غير رياستي عنصرن کي پئسو ۽ اسلحو ڏيئي هڪ اهڙي اڻڄاڻ غلطي ڪئي جنهن جي ڪري اڄ دنيا ان وقت جي مجاهدين کي اڄ جو دهشتگرد چوي ٿي 30 سالن کان پوءِ اڄ به پاڪستان ان اڻڄاڻ غلطي جي سزا ڀوڳي رهيو آهي هن چيو ته هڪ امن پسند جمهوري مسلمان رياست جي خلاف مسلسل اهڙي طرح جو تعصب تي ٻڌل رويو ۽ اهو به دنيا جي سڀ کان اعليٰ اداري پاران هاڻي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي اسان وٽ صرف ٻه رستا آهن يا اسان پرامن خوشحال ۽ ترقي پسند مسلمان مملڪت بڻجون جيڪا مسلما امه جي لاءِ هڪ روشن مثال ۽ عالمي سطح تي هڪ اڳواڻ ملڪ بڻجي سگهي يا وري اسان هڪ مذهبي فسطائيتي مملڪت بڻجون جيڪو نه صرف هن خطي پر پوري دنيا لاءِ هڪ خطرو بڻجي وڃون هن چيو ته ڪشمير 66 سال گذرڻ کان پوءِ 1948 ۾ دنيا جو ڪيل حق خود اراديت جو واعدو پورو ٿيڻ جي انتظام ۾ آهي اهڙن حالتن ۾ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيڻ اقوام متحده جي ڪاميابي نه آهي پر هڪ وڏي ناڪامي آهي اسان هي ان لاءِ چئون ٿا ڇو ته اسان انصاف ۾ جمهوريت ۾ عالمي قانونن ۽ عالمي عدالت تي يقين رکون ٿا 6 جون 1998 تي اقوام متحده جي قرارداد نمبر 1172 منظور ڪئي ان قرارداد مطابق پاڪستان انڊيا کي ڪنهن به قسم جي جوهري ٽيڪنالوجي سامان يا شين جي فراهمي بند ڪئي ويئي هئي پر اڄ اهي سمورا جوهري دروازا جيڪي پاڪستان ۽ انڊيا جا بند ڪيا ويا هئا اهي هڪ هڪ ڪري صرف ڀارت لاءِ کوليا پيا وڃن هن چيو ته پاڪستان جي دهشتگردن سان جنگ جمهوريت لاءِ مسلسل جدوجهد ڪشمير جو قبضو ۽ ڪشمير ۾ ظلم جيڪڏهن دنيا شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جو آواز ٻڌو هجي ها شهيد محترمه بينظير ڀٽو جوآواز ٻڌو هجي ها پاڪستان پنهنجن ماڻهن جو آواز ٻڌو هجي ها ۽ پاڪستان جو آواز دنيا ٻڌو هجي ها ته عالمي امن هڪ خواب نه پر حقيقت هجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *