بلاول ڀٽو کي ڊاڪٽرن سفر ڪرڻ کان منع ڪيو آهي، پ پ ڪڏهن به فوج خلاف ناهي رهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين کي جناح برج کان قائدا آباد تائين ايليويٽر برج جو جلد تحفو ڏئي رهيا آهيون. ڪراچي کي روشنين ۽ خوبصورتي جو شهر بڻائڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ ان سلسلي جي ڪڙي جي طور تي ڪراچي ۾ خوبصورت پارڪ بڻايا پيا وڃن. نيشنل هائي وي کان سپر هائي وي ڊبل ڪيريج وي تعمير ڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي ڪڏهن به فوج جي خلاف ناهي رهي پر اسان هميشه آمريت جي مخالفت ڪئي آهي. ملٽري ڪورٽس بڻائڻ جو فيصلو مشڪل هو پر ان هوندي به عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ سانحي پشاور جهڙي عالمي سانحي کان پوءِ سمورين عوامي جماعتن جي فيصلي تي اسان انهن سان گڏ آهيون. مخدوم امين فهيم پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جو صدر آهي ۽ خود پاڻ ان ڳالهه جي وضاحت ڪري چڪو آهي ته هو پيپلز پارٽي نٿو ڇڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي ايم سي جي شعبي پارڪس جي تحت ڪلفٽن ۾ سوا چار ايڪڙن تي تقريبن چار ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ڇهن مهينن اندر تيار ٿيل خوبصورت ”شهيد هوش محمدپارڪ” جي افتتاح کان پوءِ خطاب ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي، ڊِي جي پارڪس نياز احمد سومرو ۽ ٻيا به موجود هئا. وزير اطلاعات سنڌ پارڪ جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪري باقائده افتتاح ڪيو ۽ پوري پارڪ جو چڪر لڳائي پارڪ جي تعمير ۽ ان ۾ عوام کي ڏنل سهولتن بابت آگاهي حاصل ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي 6 سالن واري دور ۾ ڪراچي کي روشنين ۽ خوبصورتي جو شهر بڻائڻ جو جيڪو عزم ۽ عوام سان واعدو ڪيو ويو آهي اسان ان کي پورو ڪرڻ ۾ مصروف آهيون. هن چيو ته هڪ پاسي عوام کي صحت افزا ۽ پرسڪون تفريح گاهن کي بهتر کان بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ ٻئي پاسي سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي دٻاءَ باوجود عوام جي مشڪيلن جي ازالي لاءِ پر عزم آهي ۽ ڪراچي جي شهرين کي جناح برج کان قاعده آباد تائين ايليويٽر برج جي منصوبي جو چند ڏينهن اندر آغاز ڪيو ويندو ۽ اها برج ايندڙ ٻن کان اڌائي سالن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. ان کان علاوه نيشنل هائي وي کان سپر هائي وي تائين ڊبل ڪيريج وي تعمير ڪيو پيو وڃي هن چيو ته ملير تعمير ٿيندڙ ٻه پل به 2 کان 3 مهينن اندر مڪمل ٿي ويندا. ان سڀني کان پوءِ جتي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي اتي عوامي جو قيمتي وقت ۽ فيول کي بچائي سگھبو. هن چيو ته اسان عزم ڪيو آهي ته اسان ڪراچي کي اهڙو ميگا سٽي بڻائي دم کڻنداسين جو ان جو مقابلو دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته ملڪ جي شهر سان ڪري سگھبو. هن چيو ته ڄاڻايل پارڪ واري زمين فالتو سامان ۽ اسٽور طور استعمال ڪيو پئي ويو پر اسان اڄ ان زمين کي خوبصورت پارڪ جي ذريعي عوامي تفريح گاهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا پارڪس ڪراچي ۾ تعمير ڪيا ويندا. ان موقعي تي صحافين پاران ملٽري ڪورٽس جي قيام ۽ ان ۾ پيپلز پارٽي جي رضامندي جي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به پاڪ فوج جي مخالف ناهي رهي پر اسان هميشه آمريت جي مخالف ۽ ان جو مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته پشاور سانحو هڪ افسوسناڪ عالمي سانحو هو ۽ ان ۾ معصوم ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ اهو سانحو دنيا جي تاريخ جو سڀ کان دردناڪ سانحو آهي. هن چيو ته ان سانحي کان پوءِ تمام عوامي قوتن کي انهن دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا هئا ۽ ملٽري ڪورٽس جي قيام جو فيصلو پيپلز پارٽي لاءِ هڪ مشڪل فيصلو هو ان هوندي به ملڪي حالتن ۽ دهشتگردي کي ڏسندي ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ آپريشن کان پوءِ 5 دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي قيام جي باوجود 12 هزار کان وڌيڪ دهشتگردن جي گرفتاري جي باجود ان عدالتن جي سستي جي بعد ان مشڪل فيصلي کي ڪرڻ ضروري هو. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي لاءِ اڪثر ڪري مشڪل کان مشڪل فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ۽ ملٽري ڪورٽس واري فيصلي جي سموري عوامي قوتن حمايت ڪئي آهي. ڪراچي ۾ ناجائز قبضن ۽ خاص ڪري پارڪس ۽ عام ڀلائي واري پلاٽن تي قبضي وري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل ڇهن سالن جي دوران سرڪار زمينن تي ايترا قبضا ناهين ٿيا جيترا ماضي ۾ ٿيا ۽ انهن قبضن جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ بلديات کاتي جو اينٽي انڪروچمينٽ يونٽ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بلديات کاتي ۾ اسان کي جتي انهن قبضن جي خاتمي ۾ مشڪليون پيش اچي رهيون آهن اتي پوليس ۽ رينجرز جي مدد به گھربل آهي ۽ ان سلسلي ۾ به انهن کان مدد ورتي پئي وڃي ۽ جلد ئي اسان سڀني قبضن جو خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته شهر ۾ صفائي سٿرائي به هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ ان سلسلي ۾ به صوبي جي سمورن ايڊمنسٽريٽرز، ميونسپل ڪمشنرز ۽ ٽي ايم اوز کي اهي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو عوامي مسئلن جي حل لاءِ هر سومر ڏينهن ٽي ڪلاڪ عوامي کلي ڪچهري جو انتظام ڪن ۽ اتي عوامي مسئلن کي حل ڪن. هن چيو ته اسان کي بلديات ۾ واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي ۾ وڏي انگ ۾ گهوسٽ ملازمن کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هاڻ تائين واٽر بورڊ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ گھوسٽ ملازمن جي اسڪروٽني ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪي ايم سي ۾ به وڏي انگ ۾ گھوسٽ ملازمن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ماضي جي حڪومت جي ناڪامين ۽ ڪوتاهين جو خاتمو ڪري عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جون ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ جلد ئي ڪراچي جي شهرين وڌيڪ نوان نوان ميگا پروجيڪٽ جا تحفا ڏنا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *