بلاول ڀٽو ٽنڊو محمد خان ۾ هندن جي مندر سڙڻ جو نوٽيس ورتو، تعمير ڪرائڻ جو حڪم

حيدرآباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ مندر جي سڙڻ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڪمشنر آصف علي ميمڻ کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر مندر جي جاءِ تي هڪ نئون مندر تعمير ڪيو وڃي جڏهن ته يو سي غلام شاهه باگراڻيجي ڳوٺ گهرام وساڻ، يو سي مويا جي ڳوٺ ڪرمڻ داس ۽ يو سي سعيد متو جي ڳوٺ مير گل حسن ٽالپر ۾ نوان مندر تعمير ڪرايا وڃن. هن ڊپٽي ڪمشنر آصف ميمڻ کي هدايت ڪئي ته اقليتن جي عبادگاهن جي تحفظ ۽ حفاظت کي يقيني بڻائي وڃي ڇاڪاڻ ته اهي به هن ملڪ جا آزاد شهري آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت سڀني شهرين کي بنا فرق، رنگ ۽ نسل جي خدمت ڪرڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پختو يقين رکي ٿي ۽ ان ڳالهه تي ڪنهن به قسم جو سمجهو تو هرگز نه ڪيو ويندو ۽ سڀني کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *