بلاول ڀٽو هنگامي طور تي ڏيهه پهچي ويو، لائحه عمل جي اعلان جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دبئي کان هنگامي طور تي واپس موٽي آيو، جڏهن ته ڪجهه دير کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران نئين لائحه مل جي اعلان جو امڪان، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻيا اهم اڳواڻ دبئي ۾ ئي آهن. پيپلزپارٽي جي قيادت جي هڪٻئي پٺيان دبئي وڃڻ کانپوءِ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪن ۾ بي چيني پکڙجي وئي ۽ اڳڪٿين ۽ افواهن جي بازار گرم ٿي وئي جنهن کانپوءِ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دبئي کان پاڪستان واپس پهچي ويو. پارٽي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا حوصلا بلند آهن. ڪراچي ۾ سرڪاري آفيسرن ۽ فرنٽ مينن جي گرفتاريون ٿيون ته ڪيترائي سياستدان ۽ بيوروڪريٽس گرفتاري کان اڳ ضمانتون ڪرائي ورتيون جڏهن ته آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر دبئي هليا ويا. هڪ پاسي پنجاب مڪاني چونڊن جون تياريون شروع آهن، ٻئي پاسي ڪراچي ۾ گرفتاريون جاري آهن، اهڙي صورتحال ۾ واضحح لائحه عمل جوڙڻ بجاءِ پارٽي قيادت ٻڏتر جو شڪار نظر اچي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *