لاهور (بيورو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان سڌا رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ اڪيلي سر ملاقاتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب بلاول ڀٽو پنهنجي والد جي ترز سياست کان متفق نه آهي ۽ هو پنجاب ۾ قيادت جي تبديلي کانسواءِ پ پ جي مٿان فرينڊلي اپوزيشن جو ليبل به لاهڻ چاهي ٿو، ذريعن موجب بلاول ڀٽو سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت جي ڪارڪردگي کان به خوش نه آهي ۽ هو تبديلي چاهي ٿو، ٻڌايو ويو آهي ته بلاول ڀٽو ان تنازر ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ون ٽو ون ملاقاتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.