
ڪراچي(م.ڊ) پاڪستاني پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي مودي کي ڪشمير جو ڪاسائي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهن جي نياپي ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران ٿيندڙ تشدد ۽ چڪرين تي نريندر مودي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته گجرات ۾ رتو ڇاڻ ڪندڙ ڪاسائي هاڻي ڪشمير جو به ڪاسائي بڻجي چڪو آهي ۽ وري مٿان اسان کي ٿو دهشتگردي تي سمجهاڻيون ڏئي.